سِرڻ ۽ باز راند

سِرڻ ۽ باز راند: هڪ وڏو نينگر هڪڙي ٻار کي هڪڙي ٻانهن ۽ ٻئي ٻار کي ٻيءَ ٻانهن کان جهلي پاڻ وچ تي بيهي ٻانهون پکيڙي اُنهن کي گولائي ۾ ڊوڙڻ لاءِ چوندو: ”ڀڄ ڙي سرڻ، باز ٿو اچئي، ڀڄ ڙي سرڻ باز ٿو اچئي.“ ٻار هڪٻئي کي ڊوڙي پهچڻ جي ڪوشش ڪندا. هيءُ ڦيرائڻ جو نمونو آهي، هن ڦيريءَ وارن راندين ڪري ٻار کي ڪڏهن ڀنواٽي يا ڦيري جي بيماري نه ٿيندي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو